بکر فقير شهيد

بکر فقير شهيد: بکر شهيد ذات جو پنهور هو. ڪن روايتن ۾ هيءَ فقير ذات جو لنڊ بلوچ هو. ڪي وري کيس رودناڻي سڏين ٿا.ڪلهوڙن جي حڪمران ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو امير ڪبير ۽ مريد هو، ميان صاحب سان هميشه سفر ۾ گڏ رهندو هو ۽ مغلن خلاف عوامي انقلابي جٿن کي منظم ڪندو رهندو هو. ليکڪ عزيز ڪنگراڻي لکي ٿو ته هڪ رات هڪ پيرسن عورت جي ڪي شاهينگ چوري ڪري رهيا هئا ته اها پيرسن عورت سجاڳ ٿي پئي. هن دانهون ڪيون، دانهون ٻڌڻ تي بکر شهيد ان عورت جي مدد لاءِ ڊوڙندو آيو ۽ چورن سان وڙهندي شهيد ٿي ويو. کيس ڳوٺ طالباڻي لنڊ کان اٽڪل ٻه ڪلوميٽر اتر-اولهه ۾ دفنايو ويو. سندن دوستن فقيرن مٿس مقبرو تعمير ڪرايو، جيڪو اڄ به موجود آهي.شهيد نالي پٺيان ڪاڇي۾ هڪ ديهه پڻ موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو